اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم بورس جانس ماحوليات جي عالمي ڏينهن 2021ع جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ٽين بلين ٽري سونامي جهڙن منصوبن کي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي طرف اهم اڳڀ??ائ?? قرار ڏنو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته قدرتي ماحول جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، هن چيو ته اڄ پوري دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا درپيش آهي، اها وبا دراصل ان سلوڪ جو رد عمل آهي جيڪو انسانن قدرتي ماحول سان روا رکيو آهي، هن چيوته آلودگي ۽ غير معياري طرز عمل ماحوليات کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، موسمياتي ت??دي??يون ان جو نتيجو آهن ۽ اڄ پوري دنيا انهن ت??دي??ين جي منفي اثرن جي زد ۾ آهي.