راولپنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراه?? جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ افغ??نس??ان جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪ??و ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات ۾ ا?? ڳالهه جو عزم ڪ??و ويو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدار ان موقعي تي افغ??نس??ان جي صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهين جي واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن هر سطح تي پاڪستان سان سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.