اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ نيا پاڪستان ??ائ??سنگ اٿارٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي قرضن ج?? فراهمي جو باقاعده جائزو ورتو وڃي ۽ ان عمل ۾ ڪنهن به پيش ايندڙ رڪاوٽ کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي، راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين ج?? فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن ج?? اظهار ??ائ??سنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري تعميراتي سرگرمين، بئنڪن پاران ڊولپرز، سيڙپڪارن ۽ خاص ڪري گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهر جي تعمير جي لاءِ آس??ن قرضن ج?? فراهمي ۽ تعميرات بابت ٻين معاملن ج?? جائزو ورتو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت پاران اعلان ڪيل مارڪ اپ سبسڊي جي حوالي سان صرف ڪجهه هفتن ۾ هيستائين آس??ن قرضن ج?? لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ درخواستون ملي چڪيون آهن ج??هن مان تقريبن 2 هزار جي لڳ ڀڳ (1820) منظور ٿي چڪيون آهن ۽ منظور ٿيل قرض جو ماپو پنج ارب روپيا آهي