??اه??وال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??اه??وال ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ??اه??وال ۾ عالمي معيار جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. نئين بلاڪ جي تعمير سان ??اه??وال جي ماڻهن کي مقامي سطح تي عالمي معيار جي علاج جي سهولت ملي سگهندي. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان سالڊ ويسٽ سيگريگ??شن?? ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کانپوءِ ان کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪري سگهبو، ان سان گڏوگڏ هن ??اه??وال ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاڪپتن ۾ بابا فريدالدين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪيو. هن ان موقعي تي ??اه??وال ۾ پنجاب ان??رميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ ان??يسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪس جي تعمير جي لاءِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو.