اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هد??يت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حڪومتي ۽ نجي شعبي پاران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن جي حوالي سان جائزي اجل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، عمر ايوب، اسد عمر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بن??اد?? ضروري شين خاص طور تي اٽي جي قيمت ۾ استحڪام، کنڊ جي موجوده قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي قيمتن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هد??يت ڪئي ته حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم متعارف ٿيڻ تائين اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته غريب ماڻهن کي ??ٽي جي حوالي سان سڌ?? سنئون سبسڊي جي فراهمي لاءِ مفصل پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اٽي جي خريداري جي حوالي سان معاشري جي ڪمزور طبقن کي ??ڪومت پاران سڌ?? سنئون سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد آهي ته جيئن ان تي مهانگائي جو بار ممڪن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي.