صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سين??ٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي، مخالف ڌر کلي دل سان سين??ٽ چونڊن جي نتيجن کي تسليم ڪري. باجا ۾ اسڪول ۽ گئس منصوبي جي افتتاحي تقريب جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر حڪ??مت سان عوامي ڀلائي جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سين??ٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر جيڪڏهن اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو مڃي وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ مرزا آفريدي بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي محرومين جو ازالو ڪندا. پار??يا??ينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سينيئر پار??يا??ينٽرينز ج?? ڪائونسل قائم ڪئي آهي. سينيئر پار??يا??ينٽرينز ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد پار??يا??ينٽ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اهم ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ڪم جاري آهي.