اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ خ??اد??د پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان م??انهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ خيبرپختونخوا پهريون صوبو آهي جتي 100 سيڪڙو آبادي کي هيلٿ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه باچاخان م??ڊيڪل ڪامپليڪس صوابي ۾ ڊائيلاسز سينٽر ??ي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ جي موقعي تي چئي. هن چيو ته باچا خان م??ڊيڪل ڪامپليڪس صوابي صوبي جو 12 هون ايم ٽي آءِ اسپتال آهي، خيبرپختونخوا جو هر شهري 10 لک تائين بلڪل مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، ٻين صوبن ۾ به صحت جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صوابي ۾ گردن جي مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش هيون، صوابي جا مريض هاڻي پنهنجي ضلعي ۾ ڊائيلاسز ڪرائي سگهن ٿا. اسپيڪر چيو ته باچا خان م??ڊيڪل ڪامپليڪس ۾ جلد وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته اسان سڀني لاءِ 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ملڪ خ??اد??د پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان م??انهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، آزادي جي عظيم نعمت تي ا??ان پنهنجي رب جو جيترو ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي.