اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪنالاجي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل افرادي قوت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. هن اسلام آباد ٽيڪنو پولس تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونر اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌا??و ته ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنيون ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيون آهن. وفاق?? گادي واري شهر کانپوءِ صوبائ?? گادي وارن شهرن ۾ زونز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چ??و ته ٽيڪنالاجي شعبي جي برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل افرادي قوت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي.