اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي م??تقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پ??داوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي م??امي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي. وزيراعظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي م??سمياتي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ذڪر جو??و قدم قرار ڏنو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن. وزيراعظم گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي م??تقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي.