اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حال??ون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متا??ر ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جهڙي فورم جي موجودگي، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستا?? ۽ ??رڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ترڪي جي اصولي موقف ۽ پاڪستان جي موقف جي مسلسسل ۽ اڻٽر حمايت تي ترڪ قيادت جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، ترڪ قيادت پاران عالمي سطح تي مظلوم ڪشميرين جي حمايت سان انهن جا حوصلا بلند ٿيا، هن چيو ته وڌندڙ اسلامو فوبيا جي رجحان ۽ نفرت انگيز بياني کي چيڀاٽڻ لاءِ گڏيل قوم?? ۽ ??و آءِ سي جهڙن فورمن تي پاڪستا?? ۽ ??رڪي جي گڏيل ڪوششون اطمينان جو با??ث آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ معاشي ۽ انساني بحران جي پيش نظر افغانين لاءِ معاشي ۽ انساني مدد جي غير مشروط فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عالمي برادري کي فوري قدم کڻڻا پوندا، جيڪڏهن افغانستان ۾ حال??ون وڌيڪ خراب ٿيون ته پورو خطو متا??ر ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان عالمي برادري جي مدد کانسواءِ پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود گذريل 40 سالن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو پيو اچي، اسان جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن جو با?? نٿي کڻي سگهي، پاڪستان خطي جي ام?? ۽ ??ستحڪام لاءِ افغانستان ۾ قيام امن کي اڻٽر سمجهي ٿو.