اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته وڏو عرصو خساري ۾ رهڻ کانپوءِ هن سال پاڪستان ٽيلي ويزن 1.3 ارب روپيا منافعو ڪمائي رهي آهي.
پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيوزي لينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽي??ن جي دورن جي التوا جي ڪري اسان جو 30 ڪروڙ جو نقصان ٿيو، مون کي اميد آهي ته ??يندڙ سال اسان منا??عي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏينداسين. هن پي ٽي وي جي مينيجمينٽ ۽ ورڪرز کي ان ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني.