اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي قيام طرف تاريخي قدم آهي. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريان محدود وسيلن وا??ي پاڪستاني جيڪي پرائيويٽ اسپتالن ۾ بهترين علاج جو سوچي به نه سگهندا هئا هاڻي وزيراعظم عمران خان پاران ش??وع ڪيل صحت ڪارڊ ذريعي هر خاندان ساليانو 10 لک روپين تائين مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو پروگرام منهنجو پاڪستان منهنجو گهر هر پاڪستاني جو خواب آهي جيڪو تمام تيزي سان حقيقيت بڻجڻ ش??وع ٿي ويو آهي، گهٽ لاڳت، ٽي مرله، پنج مرله، 10 مرله گهرن لاءِ بئنڪون 120 ارب روپين جا قرض منظور ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 38 ارب روپين جا قرض بئنڪن ورهائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي محنت جي ڪري هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سي??ٽر لاءِ بئنڪن جا قرض 355 ارب روپين تائين پهچي ويا آهن، جيڪي ڊسمبر 2020ع کان 163 ارب روپيا يعني 85 سي??ڙو وڌيڪ آهي جنهن سان هائوسنگ ۽ ڪنسٽريڪشن سان گڏ جڙيل 120 کان وڌيڪ صنعتن جي ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيو آهي.