اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب پا??ان سال 2021ع دو??ان بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ محتس?? محمد ڪام??ان شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ??اڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر ??ي بئنڪنگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب گذريل سال دو??ان بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ معاملن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئنڪنگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع دو??ان 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 شڪايتن مان 18000 کان وڌيڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذ??يعي مليون. هن وڌيڪ چيو ته ڪل 37364 شڪايتن مان 25231 شڪايتن کي فوري طور ي مصالحت جي ذ??يعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دو??ان ڪل شڪايتن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده شڪايتن جي انتظام جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي متاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ۾ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪنگ محتسب پا??ان فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذ??يعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن ??اتيدارن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.