اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگرام مان بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، ان لاءِ ط??يق??ڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه عطا مري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي بلوچستان جي دوري دوران مستحق ماڻهن جي بينظير انڪم سپورٽ پ??وگرام ۾ شموليت ۽ شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ وظيفا ۽ والدين کي امداد ??ي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پ??وگرام مان گذريل حڪومت پاران بنا ڪنهن تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن لاءِ اپيل جي مجوزه ط??يق??ڪار تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پ??وگرام مان ڪڍيل ماڻهن جي ٻيهر شموليت لاءِ اپيل جو ط??يق??ڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي، هن هدايت ڪئي ته اهڙا مستحق ماڻهو جيڪي بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيا ويا، انهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي.