گلگت – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪردو گرلز هاءِ اسڪول ق??ئد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جي فراهمي جي لاءِ شرو?? ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو. ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ رق?? جا چيڪس ورهايا. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته گلگت بلتستان حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي درپيش سفري مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انقلابي منصوبو شرو?? ڪيو آهي. عملي زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ صحيح فيصلاسازي لازمي آهي جيڪا تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، دنيا جي جديد تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ٻارن جي تعليم پوري خاندان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۾ تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ وسيلا فراهم نه ڪرڻ جا تمام گهڻا نقصان ٿيا آهن، مون کي اميد آهي ته گلگت بلتستان حڪومت ڪجهه سالن ۾ هر ٻار جي تعليم کي يق??ني بڻائيندي. اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏ ترب??ت تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پوري دنيا ۾ گلگتبلتستان ۽ پاڪستان جو منفرد مقام برقرار رهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائي حڪومت جي فيصلي موجب گرلز هاءِ اسڪول ق??ئد آباد کي هايئر سيڪنڊري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ان موقعي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ درپيش سفري مشڪلاتن جي حل لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جو منصوبو شرو?? ڪيو آهي جنهن تحت 2 ڪلو ميٽر پري کان اسڪول ايندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين کي اهو وظيفو ڏنو ويندو.