اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا جي پهرين مرحلي ۾ قابل تقليد حڪمت عملي ۽ وقت سر فيصلن سان وبا تي ضابط?? آندو جنهن کي دنيا ساراهي رهي آهي، ها??ي اسان کي ٻئي مرحلي ۾ به سنجيدگي، توازن ۽ احتياط جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي. هو ملڪي سطح تي ڪورونا جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان اعل??ٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو.