اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ٻي لهر سبب وڌيڪ 85 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ائرس جي متاثر مريضن جو تعداد 4 لک 67 هزار 222 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا ??ائرس سبب متاثر وڌيڪ 2 هزار 152 ڪيس رپورٽ ٿيا، 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 435 ڪورونا ??يسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 38 هزار 511 ٿي ويو آهي، انهي دوران ڪورونا ??ائرس سبب وڌيڪ 85 فوتگيون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 9 هزار 757 ٿي ويو آهي، ڪورونا سبب متاثر 4 لک 18 هزا?? 958 م??يض صحتياب ٿيا، سڄي ملڪ ۾ 1824 ماڻهو صحتياب ٿيا جڏهن ته 2382 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، واضح رهي ته هن وقت آزاد ??مون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به م??يض وينيٽليٽرز تي نه آهي.