اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لازمي لڳرائي وڃي، ان بابت ابهام پيدا ڪ??دڙن کان خبردار رهي ڇو ته اهي ڪوو??ڊ 19 ۽ ويڪسين بابت نه ٿا ڄاڻين. هن اها ڳالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ ويڪسين جي افاديت بابت شڪ شبها پيدا ڪ??دڙن پاران اٿاريل سوالن جي جواب ۾ صدر چيو ته ڪورونا ويڪسين جون ٻه خوراڪ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ان جو اثر ٿيڻ ۾ ڪجهه هفتا لڳن ٿا.