اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪور??نا جي موجوده صورتحال کي پريشان ڪندڙ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته وبا جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پوري قوم کي احتياطي تدبيرون لازمي اختيار ڪرڻيون پونديون. ڪور??نا وائرس جي موجوده صورتحال تي پنهنجي وڊيو پ??غام ۾ صدر چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪور??نا جي ڪري پريشاني وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ تقريبن 5 هزار ڪور??نا ڪيسز ٿي چڪا آهن ۽ فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي. ه?اسپن/121934.html">? چيو ته جيڪڏهن ڪور??نا ڪيس وڌيڪ وڌيا ته ڳالهه اسپتالن جي وس ما?? نڪري ويندي. صدر چيو ته حضور ﷺ مسلمانن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني، سڀني تي لازمي آهي ته حضور ﷺ جي امت هجڻ جي ناطي نبي ﷺ جي هدايتن تي عمل ڪريون، ه?اسپن/121934.html">? چيو ته مسلمان قوم ان آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ احتياط اختيار ڪري، رمضان، تراويح، يوم علي، عيد جي موقعي تي ماسڪ پائڻ سميت سمورن ايس او پ??ز تي عملدرآمد يقيني بڻائين.