اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امتحان مان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ منظم قوم هجڻ جو ??بوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪرڻ سميت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ سمورن حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ڪن. هن اهڙن خيالن جو ??ظهار علامه ساجد نقوي ۽ مولانا حنيف جالنڌري سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي علامه ساجد نقوي سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مجلسن ۾ ڪورونا خاتمي جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مجلسن ۾ شرڪت ڪند?? ماسڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو عبادتو?? گهرن ۾ سرانجام ڏين. علامه ساجد نقوي صدر کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز جي پابندي جي خاطري ڪرائي.