اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس سي??نگ والٽس (احساس بچت بئنڪ اڪ??ئونٽ) جو اسلام آباد کان آغاز ڪيو، 70 لک گهرن جي مالي ۽ ڊجيٽل شموليت احساس پروگرام جي اهم مقصدن مان هڪ آهي، احساس سي??نگ والٽس جي ذريعي پوئتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتون وياج کان پاڪ قرضن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهنديون، احساس سوينگ والٽس ڪفالت گهرن لاءِ معاشي نقصان کان بچاءُ، هنگامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪندو، ان پروگرام جو مقصد بچت جي حوصلا افزائ?? ڪرڻ آهي. جنهن سان غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي.