اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ تقريبن 8 ٽريلين روپين جي نئين سالياني بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ٽئين سالياني بجيٽ آهي جيڪا اهڙي موقعي تي پيش ڪئي پئي وڃي جڏهن دنيا ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏئي رهي آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جو معيشتون متاثر ٿيون آهن، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ چئلينجن جي باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين لاءِ پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنذن ۾ ??ضا??ي جو فيصلو ڪيو آهي، نئين وفاقي بجيت ۾ ڪورونا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن، عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماحول جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي نظر ۾ رکيو پ??و وڃي، مالياتي انتظام ۽ انصرام سان گڏوگڏ روينيو ۾ ??ضا??ي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ ??ضا??و ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام دوست پاليسون بجيٽ جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون، نئين وفاقي بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، بجيٽ ۾ اسلوب حڪمراني ۾ بهتري لاءِ سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ ??ضا??ي لاءِ سهولتن ۽ قدمن جو اعلان متوق?? آهي. حڪومت نئين بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جو پ??رين کان فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي به روينيو ۾ ??ضا??و، ٽيڪس جي بني??د ۾ سگهه ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويندا ڇو ته روينيو ۾ بهتر ??ضا??ي سا?? ا??تصادي واڌ ويجهه جا هدف حاصل ٿي سگهندا. ذريعن موجب حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪري رهي آهي، نئين وفاقي بجيٽ جي ڏس ۾ هلندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪئي وئي.