فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪا??ي مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دنيا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪا??ي مهم جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪا??ي مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي وڻڪا??ي مهم کي پوري دنيا ساراهيو آهي، اهو ئي سبب ??هي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.