اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي انٽرنيشنل ميڊيا سميت پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، هيستائين چار هزار جي لڳ ڀڳ ويزا جاري ڪيا ويا آهن، اف??انستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسان جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، اف??انستان جي صورتحال ??ي حوالي سان سمورين عالمي ۽ علائقائي طاقتن سان اسان جو ويجهو رابطو آهي. پنهنجي وڊ??و بيان ۾ اف??انستان جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اف??انستان ۾ حڪومت سازي اتان جي عوام کي ڪرڻي آهي، اسان جي ڪوشش پرامن ۽ مستحڪم اف??انستان جي لاءِ جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال ??ي ڪري صحافين، انٽرنيشنل ميڊيا جي ميمبرن، آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف سفارتخانن جي عملي جو نڪرڻ مشڪل ٿي ويو هو، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين ڪابل کان اٽڪل 1400 ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ سهولت ڏني. هن وقت تائين پاڪستاني سفارتخاني اٽڪل 4 هزار ويزا جاري ڪيا جڏهن ته 2 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي.