اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان ۽ فو?? جي خلاف ٽرينڊز هلائيندڙ ۽ ان جو دفاع ڪندڙ اڄ افغانستان جي صورتحال کان اکيون ڦيرائي رهيا آهن، عوام تڏهن محفوظ هوندي آهي جڏهن ادارا مضبوط هجن، اسان کي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي ته پاڪ فو?? ۽ ٻيا ادارا تسبيح جهڙي ترتيب ?? اسان جي چوڌاري قلعو بڻائي بيٺل آهن، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جا حڪمران ڏهاڪن تائين ملڪ کي لُٽيو، وسيلا ادارا ٺاهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو نتيجو آهي ته اڄ ان جو دفاعي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اسان کي آزادي جو قدر ۽ ملڪ جي اهميت سان روش??اس رهڻ گهرجي ۽ ڪوڙي پروپ??گن??ا کان هوشيار به رهڻ گهرجي.