اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اهم وفاقي وزيرن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وزيرن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ??نرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ??يڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ??يئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود ه??ا. ??ءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سيڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورت??ال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراع??م قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيورا??ي صلاحيتن کي ساراهيو.