اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪندو، ??سان جو واضح موقف آهي ??ه اپوزيشن سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان نه، جيڪڏهن مخالف ڌر جو شوق آهي ??ه ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ٿئي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي. شهباز شريف نيب جي ملزم آهي، ان سان مشاورت جو مطالبو ايئن آهي ??يئن چور کان پڇي وڃي ته ان جو ٿاڻيدا?? ڪير هوندو.
قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته اسان جو مقصد نيب ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ آهي، نئون تجويز ڪيل قانون ان وقت قانون جي شڪل اختيار ڪندو جڏهن صدر ان تي صحيح ڪندو. هن ??يو ته ان آرڊيننس جو ٻيو حصو ايڪٽ به ايندو، ??سان آرڊيننس تي مخالف ڌر سان مشاورت ڪنداسين، مخالف ڌر کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن هو وڌيڪ ترميم يا پنهنجي راءِ ڏيڻ چاهين ٿا ته اسان کي فراهم ڪري، اسان پارليامينٽ ايڪٽ تحت ريفارمز آڻينداسين. هن ??يو ته نيب وڏي ڪرپشن جي لاءِ ٺهيو هو، ??ن جو ڪاروبار ۽ ٻين شين کي شامل ڪرڻ سان نيب جو معيار ڪريو آهي، اسان نيب کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان مشاورت نه ڪندو، ??ن باري ۾ اسان جو موقف وڏو واضح آهي ??ه مخالف ڌر سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان مشاورت نٿي ٿي سگهي ڇو ته شهباز شريف نيب جو ملزم آهي ۽ ان سان مشاروت جو مطالبو ايئن آهي ??يئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو ٿاڻيدا?? ڪير هوندو.
هن ??يو ته جيڪڏهن مخالف ڌر کي ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ڪرائڻ جو شوق آهي ??ه ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي، هن ??يو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ??ه اسان چورن کان پڇي ٿاڻيدار لڳايون، هن ??يو ته جيڪڏهن مخالف ڌر ۾ ٿوري به حيا هجي ها ته هو پاڻ ئي مخالف ڌر جي عهدي تان هٽي وڃي ها، هڪ ماڻهو جيڪو نيب ۾ ملزم آهي ۽ هو پاڻ بضد آهي ??ه نيب چيئرمين جي مقرري تي ساڻس مشاورت ڪئي وڃي، غير مناسب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسان نيب مان نجي ۽ بئنڪنگ تڪرارن ۽ ٽيڪس کي ڪڍي ڇڏيو آهي، نيب جو ڌيان هاڻي وڏي ڪرپشن تي هوندو، نيب کي وڏين مڇين تي نظر رکڻي آهي، ان تي ڪيسز بڻجڻ گهرجن، هن ??يو ته عدالتن جو تعداد به وڌايو پيو وڃي، ان جو طريقيڪار تبديل ڪري کين مضبوط ڪيو ويندو، پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل جي آفيس کي به مضبوط ڪيو يو، هاڻي پراسيڪيوٽر جنرل جيڪو ريفرنس داخل ڪندو اهو ذميدار هوندو ته ان ۾ به سزا هجي، هن ??يو ته قانون واري وزارت پهريون ڀيرو ايف بي آر کي گرفتاري جو اخيتار ڏنو آهي.