اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جي قيام جو خواهشمند آهي، عالمي برادري پاران مثبت شموليت، انساني امداد، مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ جي غرض سان پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي پر??يه?? نائب وزير وينڊي آرشر من سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پر??يه?? وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جو اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو به ساڻس گڏ هو. جڏهن ته پر??يه?? سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پر??يه?? وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ۽ علائقائي امن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پر??يه?? نائب وزير بلوچستان ۾ آيل زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿ??ندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏيندي پر??يه?? وزير چي?? ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي موقف ۾ هم آهنگي موجود آهي، پر??يه?? نائب وزير افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين شهرين جي نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ خطي ۾ امن لاءِ استعمال ايندڙ مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. پر??يه?? وزير چي?? ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان ۾ نئون سيٽ اپ استحڪام سان گڏوگڏ سموري افغان عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو، افغان عوام جي نمائنده ۽ ڊگهي بنياد واري حڪومت عالمي برادري لاءِ اعتماد جي قابل حصيدار ٿي سگهي ٿي، شاهه محمود قريشي چي?? ته موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري پاران مثبت شموليت انساني امداد ۽ مالياتي وسيلن جي فراهمي ۽ افغان عوام جي مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار معيشت جي تعمير لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان معاشي تعاون، علائقائي رابطن جي فروغ ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪا سان ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار لاڳاپن جو خواهشمند آهي، هن چي?? ته پاڪستان ۽ آمريڪا باقاعده ۽ منظم ڳالهين جو عمل اسان جي ٻطرفي مفادن سان گڏوگڏ گڏيل علائقائي مقصدن کي فرو?? ڏيڻ لاءِ ضروري آهي، آمريڪي پر??يه?? نائب وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ متبادل توانائي جي حوالي سان ٻطرفي ڳالهين ۾ ٿ??ندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪندي پر??يه?? وزير ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل جي اهميت تي زور ڏنو، پر??يه?? وزير آمريڪا پاران پاڪستان کي ڏنل ڪووڊ 19 بابت مدد تي پر??يه?? نائب وزير وينڊي جو ٿورو ادا ڪيو.