اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) شفاف توانائي جي ??دمن سان ايوان صدر ۾ توانائي جي 50 سيڪ??و بچت ڪئي وئي، سرسبز ايوان صدر جي ??اءِ ڀرپور وڻڪاري مهم هلائي وئي، ايوان صدر کي آئي ايس او 50001 جي عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ٿي وئي اهي، ايوان صدر دنيا جي ??هرين پريزيڊنسي آهي جنهن کي ماحول دوست سرٽيفڪيشن حاصل ٿيو آهي. ايوان صدر پاران ڊاڪٽر عارف علوي جي ??احول دوست قدمن تي دستاويزي فلم جاري ڪئي آهي جنهن ۾ توانائي جي حوالي سان موثر قدمن کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ايوان صدر ۾ 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو شم??ي توانائي جو منصوبو لڳايو ويو آهي. ايوان صدر دنيا جي ??هرين پريزيڊنسي آهي جنهن کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جي عالمي سرٽيفڪيشن جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. جيڪو مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ ايوان صدر ۾ گرين پريزيڊنسي قدمن کي حاصل ڪرڻ جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪئي آهي. هن پنهنجي ??وئيٽ ۾ ٻڌايو ته ايوان صدر دنيا جي ??هرين پريزيڊنسي آهي جيڪا مڪمل طور تي گرين انرجي تي دارومدار ڪري ٿي ۽ ان کي آئي ايس او 50001 اي اين ايم ايس جو عالمي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. صدر ايوان صدر جي ڊاڪيومينٽري شيئر ڪندي لکيو ته گرين پريزيڊنسي جا قدم ڊاڪيومينٽري ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته انهن قدمن سان سال 21 – 2019ع ۾ ايوان صدر ۾ توانائي جي 35 سيڪ??و بچت ٿي آهي ۽ 2022ع تائين توانائي جي 50 سيڪ??و بچت جو ڪاٿو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شم??ي توانائي مان فائدو ۽ بجلي جي بچت 31 لک 54 هزار 750 ڪي ڊبليو ايڇ آهي، جنهن جي ??اليت 72.5 ملين رپيا آهي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گرين پريزيڊنسي قدمن، توانائي جي بچت ۽ شفاف توانائي جي ??يداوار سان گرين هائوسز گيسز جي خارج ٿيڻ ۾ 3144 ٽن جي گهٽتائي ٿيندي. صدر وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ هڪ لک 42 هزار 908 وڻ پڻ لڳايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ توانائي جي بچت ۽ وڌ کان وڌ فائدو کڻڻ جي سلسلي ۾ موثر حڪمت عملي کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته گرين پريزيڊنسي قدمن تحت شم??ي توانائي مان هڪ ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو 7 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته شم??ي توانائي سان ساليانو 1.4 ملين يونٽ گرين بجلي جي ??يداوار حاصل ٿيندي. ان کانسواءِ ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ 1404 ٽن جي گهٽتائي سان گڏوگڏ ناڻي جي ساليانو 32.2 رپين جي بچت پڻ ٿيندي.