اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندين جي پروگرام ??ام??اب جوان اسپورٽس ڊرائيو جو افتتاح اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪندو. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ??ام??اب جوان پروگرام ۽ هايئر ??يج??ڪيشن ڪميشن جي حصيداري سان نوجوانن کي غيرنصابي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي لاءِ چار ارب رپين جا 4 نوان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ??ام??اب جوان اسپورٽس ڊرائيو جهڙو ميگا پراجيڪٽ پڻ شامل آهي. پاڪستان جي مقامي ٽيلنٽ کي عالمي سطح تي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ??ام??اب بڻائڻ جي لاءِ منصوبي جي پهرين فيز ۾ 12 رانديون بشمول هاڪي، ڪرڪيٽ، فٽ بال، هينڊ بال، ريسلنگ، ويٽ لفٽنگ، اسڪواش، والي بال، اسڪي، جوڊو، باڪسنگ ۽ ايٿليٽڪس شامل آهن. مهم ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 کان 25 سالن جي نوجوانن بشمول عورتن جي لاءِ راندين جا موقعا منعقد ڪيا ويندا. راندين جا اهي مقابلا ملڪ جي سمورن صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 25 علائقن ۾ منعقد ڪيا ويندا ۽ هڪ ڪرو?? نوجوانن کي سليڪشن جي عمل مان گذاريو و??ندو. راندين ۾ ??ام??ابي حاصل ڪند?? نوجوانن کي عالمي معيار جي پيشيواراڻي تربيت ڏني ويندي.