اسلام آ??اد – 13 ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن حاجي امتياز احمد چوڌري، امجد خان نيازي، شوڪت ڀٽي ۽ س??د فيض الحسن شاهه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر ۾ به موجود هئا. ان موقعي تي لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان عوامي مسئلن جي حل تي خصوصي ڌيان ڏيڻ ۽ لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي کي سياسي طور تي منظم ۽ فعال بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.