اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخد??م شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، ايم ڪيو ايم جي قيادت سان وزيراعظم ??ي تمام سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم ??مران خان جي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ اسان س??ي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني جڏهن ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم ??ي ذات تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ايم ڪيو ايم جي قيادت چيو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم ??ڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گلا ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا ٿورائتا آهيون جو انهن اسان کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.