اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير م??دو?? شاهه محمود قريشي سان بحرين جي سندس هم منصب عبدالطيف الزياني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اچڻ تي بحرين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزخيرن جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳا??ن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي م??ام??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بحرين سان ل??ڳا??ن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا ل??ڳا??ا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آه??. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن ل??ڳا??ن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي حوالي سان م??ام??ا پڻ بحث هيٺ آيا، بحريني پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير م??دو?? شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.