اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ا??وا?? شيري رحمان چيو آهي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ا??يد آهي ته عدالت سڳوري اسان جي پارليامينٽ کي وکرجڻ کان بچائيندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان اليڪ??ن کان ڀڄي ناهيون رهيا، سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن. عدالت سڳوري اسپيڪر جي رولنگ تي فوڪس رکيو آهي، ا??يد آهي ته عدالت سڳوري اسان پارليامان کي وکرجڻ کان بچائيندي. ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي ا??وا?? مصدق ملڪ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يقين آهي ته عدالت سڳوري آئين جو ڳاٽ اونچو ڪندي.