اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ڪابينا جي لاءِ خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، راڻا تنوير حسين، خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، خواجه سعد رفيق، مفتاح اسماعيل، ميان جاويد ??طيف، رياض حسين پيرزاده، مرتضيٰ جاويد عباسي، اعظم نذير تا??ڙ، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد ??ويد ??مر، شيري رحمان، عبدالقادر پٽيل، شازيه مري، سيد ??رتضيٰ محمود، ساجد حسين طوري، احسان الرحمان مزاري، عابد حسين، اسد محمود، عبدالواسع، مفتي عبدالشڪور، محمد طلحيٰ محمود، سيد امين الحق، سيد ??يصل علي سبزواري، محمد اسرار تر??ن، نوابزاده شاهه زين بگٽي ۽ طارق بشير چيما جي نالن جي بطور وفاقي وزير من??وري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، حنا رباني کر ۽ عبدالرحمان خان ڪانجو جي بطور مملڪتي وزير مقرري جي من??وري ڏني. ان سان گڏوگڏ صدر قمر زمان ڪائره ۽ انجنيئر امير مقام ۽ عون چوڌري جي بطور ايڊوائيزر مقرري جي من??وري ڏئي ڇڏي. صدر حلف برداري جي تقريب کان اڳ انهن نالن جي من??وري ڏني.