اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪ??تا?? ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور ڦينگ چنگزو وزيراعظم هائوس ۾ خيرسگالي ملاقات ڪئي. ڦينگ چنگزو کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي چين جي حڪومت ۽ قيادت پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. چين جي ناظم الامور زور ڏنو ته چين وزيراعظم شهباز شريف کي هڪ مضبوط ۽ پڪو عزم رکندڙ پنهنجي دوست طور ڏسي ٿو جنهن جو چين ۾ تمام گهڻو احترام ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي. هن گذريل حڪومت جي دور ۾ بطور پنجاب جي وڏي وزير پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فروغ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪئي. چين جي قيادت جي لاءِ گرمجوشي تي ٻڌل خواهشن ۽ مبارڪباد جي جذبن جو اظه??ر ڪندي وزيراعظم چين جي پنهنجي ڪيترن ئي دورن جو حوالو ڏنو جن دوران هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو پرمسرت ا??زا?? حاصل ٿيو ۽ صدر شي پاڪ??تا?? سان لاڳاپن جي فروغ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جي فليگ شپ منصوبي سي پيڪ تي جاري اڳڀرائي ۽ پاڪ??تا?? جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ان جي اهميت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي اعليٰ معيار ??ي ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار ??يز ڪرڻ ۽ ان کي چين پاڪ??تا?? دوستي ۽ گهري حصيداري جي علامت بڻائڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن صنعتن جي قيام، زراعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين پاران سيڙپڪاري ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڏنو. پنجاب جي وڏي وزير طور چين سان پنهنجي ويجهي تعاون جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪ??تا?? ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار ??سٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي پاڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ ۽ علائقائي امن ۽ است??ڪا?? جو عنصر قرار ڏنو. هن زور ڏئي چيو ته چين سان دوستي پاڪ??تا?? ۽ چين جي عوام جي دل ۾ موجود آهي ۽ چين پاڪ??تا?? جو مضبوط ۽ ويجهو ترين حصيدار ??هي. وزيراعظم هڪ جهڙي مفاد ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو.