اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي افسوس جو اظه??ر ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظه??ر ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ چين دوستي تي حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منص??بي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? چيو ته چيني رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظه??ر ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.