ڪوئيٽا – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اعليٰ آف??سر?? ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي تي گوادر جو به دورو ڪندو، وزيراعظم گوادر پورٽ جو فضائي دورو ڪندو ۽ ايسٽ ??ي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي خطاب ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چيني ڪمپنين ج?? وفد سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندو.