اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزي??اع??م هدايت ڪئي ته جاپاني ڪمپنين کي درپيش سمورا مسئلا هڪ هفتي جي اندر حل ڪري کين رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ايڪسپورٽ پراسيسنگ زونز کي ٽيڪس فري ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزي??اع??م ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزي??اع??م سان جاپاني ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته جاپاني وفد کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان جو جلد دورو ڪن، پ??ڪستان ۾ جاپاني ڪمپنيون پنهنجي سيڙپڪاري سان ايڪسپورٽ انڊسٽري جي قيام تي ڪم ڪن،ٿر ۾ ڪوئلي، چنيوٽ ۾ لوهه جا ذخيرا، قابل تجديد توانائي، انفرااسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، اهي ملاقات وزي??اع??م جي سمورين مقامي ۽ عالمي ڪاروباري ۽ واپاري اسٽيڪ هولڊرز سان بجيٽ جي ??لس??ي ۾ ملاقاتن جي هڪ ڪڙي آهي، جاپاني وفد ۾ پاڪستان ۾ جاپان ج?? سفير ميستو هيرو واڊا، جاپاني ڪمرشل اتاشي ۽ سمورن وڏن صنعتي ۽ واپاري شعبن ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خرم دستگير، مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. جاپاني ڪمپنين وزي??اع??م شهباز شريف جي ويزن تحت موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان کانسواءِ جاپاني ڪمپنين اليڪٽرڪ وهيڪل مينو فيڪچرنگ، فوڊ پراسيسنگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر، ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۽ آٽو پارٽس مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ جاپان 2022ع ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، وزي??اع??م چيو ته جاپان جي ترقي پوري دنيا لاءِ مثال آهي، پ??ڪستان – جاپان تعاون کي فروغ ڏئي پاڪستان جاپان جي تجربن مان لاڀ پرائي سگهي ٿو.