اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار قمر ز??ان ڪائره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير ??رد??ر اياز صادق پڻ ان موقعي تي موجود هو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مختلف انتظامي، مالياتي ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کيس هدايت ڪئي ته هو پلاننگ ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان گڏجي سمورن حل طلب معاملن کي جلد کان ج??د اڪلائي. هن ان سلسلي ۾ سمورن موجود وسيلن کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.