اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ملازمن جي شاهراهه دستور تي ??اري احتجاجي ??ظا??ري ۾ پهچي ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ ??ظا??رين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اربع جي رات شاهراهه دستور تي ??يسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي لاءِ پهچي وئي. اي پي پي جو ايم ڊي اختر منير، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يڪجهتي ??ي اظهار طور ??ظا??رين سان گڏ روڊ تي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طور تي نه آهي، آئون اي پي پي جي ملازمن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي مسئلا رڳو اي پي پي جا نه آهن. هن چيو ته ڏينهن رات اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي واري وزارت سان رابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو م??ئلو آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته ان مسئلي جو جلد حل ڪڍن، ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي ايمپلائيز يونين جي نمائندن کي چيو ته اهي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب خاطري ڪرائي ته اي پي پي ملازمن جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جار?? ڪيون وينديون. اي پي پي ملازم اطلاعات واري وزير مريم اورنگزي?? جي اچڻ، يڪجهتي ??ي اظهار ۽ مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.