اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ يورپي يون??ن جي سفير هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي وسيع تر لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو جنهن جو تصور اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان ۾ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان سمورن شعبن خاص ط??ر تي واپار، جي ايس پي پلس، موسمياتي تبديلي سميت ٻين م??املن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي.