اسلام آباد- 02 سيپٽ??بر (اي پي پي) پا?? فضائيه جي ترجمان موجب پا?? فضائيه جا ايئر بيسز مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺ?? رهيون آهن، ترجمان موجب انهن علائقن ۾ روجهاڻ، فاضل پور، ٿل، راجن پور، رسالپور، حيات آباد، تلهار، ميرپورخاص، سعيد آباد، نواب شاهه، اچ، عمرڪوٽ، علي پور، دوداپور، سکر، سيوهڻ، ڄامشورو، قلعه عبدالله ۽ نوشهره ڪلان شامل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پا?? فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 12617 مريضن جو طبي معائنو ڪيو، پا?? فضائيه انهن ضرورتمند خاندانن تائين پهچ?? رهي آهي جنهن جا گهر ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيا آهن، انساني همدردي تحت 4794 خشڪ راشن جا پيڪٽ، 8825 تيار کاڌي جا د??ا ۽ 705 پاڻي جون بوتلون به ضرورتمند خاندانن ۾ ورهايون ويون.