برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي صورتحال ۾ مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آ??ي، پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ کان متاثر ٿيو آ??ي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ تاريخ جي وڏي تباهي پکيڙي آ??ي. ??رمني جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي جرمن هم منصب اينالينا بيرباڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي سان ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ماحو??يا??ي تبديلي جي ڪري ان وڏي آفت کي منهن ڏيڻو پيو آ??ي، ماحو??يا??ي تبديلي جي ڪري ٺهندڙ گرين هائوس گئسز ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان کي هن ماحو??يا??ي تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عاليم برادري جي مدد گهربل آ??ي. ??لاول ڀٽو زرداري چيو ته يورپي يونين ۾ جرمني پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آ??ي، پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ ب??ترين سفارتي لاڳاپا آهن. هن چيو ته گرمجوش ميزباني تي جرمن هم منصب جو ٿورائتو آهيان، جرمني ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو وڏو انگ آباد آ??ي، پاڪستاني شاگردن جي لاءِ جرمني هڪ بهترين ملڪ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جرمن هم منصب سان واپار ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته افغانستان کي به يوڪرين وانگر عالمي مدد گهرجي. ان موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير اينالينا بيرباڪ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ يورو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ڪيتري تباهي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آ??ي، ٻوڏ متاثرين خاص طور تي ٻار کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آ??ي، ٻوڏ کانپوءِ متاثر علائقن ۾ مليريا پکڙجي رهيو آ??ي. ??رمني جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جرمني جو اهم ترين واپاري حصيدار آ??ي، جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ ب??يادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جرمني پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.