اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪستان پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي، عالمي برادري افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مملڪتي وزير پنهنجي تازي افغانستان جي دوري جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پ??ڪستان هڪ پرامن افغانستان جو خواهشمند اهي، عالمي برادري افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري جي ل??ءِ پنهنجو ڪردا ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته پ??ڪستان افغان ڀائرن ڀينرن جي هر ممڪن مدد ۽ حمايت جاري رکندو.