اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان مقصد جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن ه??ائ?? اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ??يندو. اهو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن جي معاملن جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس ۾ ڪيو ??يو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو ??يو آهي، ان سلسلي ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن وڏن ه??ائ?? اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ??يندو. انٽرنيشنل آپريٽرز اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي ه??ائ?? اڏن کي هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. 20 کان 25 سالن جي عرصي جي مدي جي لاءِ انٽرنيشنل آپريٽرز انهن ادارن کي هلائڻ ۾ مدد ڪندا. ورلڊ بئنڪ جي ذيلي اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مدد حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڪنسلٽينسي جا فرض سرانجام ڏيندي. فيصلي موجب انٽرنيشنل آپريٽرز ه??ائ?? اڏن تي سروس جا عالمي معيار مهيا ڪندا. پرڏيهي سيڙپڪاري سان ه??ائ?? اڏن ۾ جدت ۽ بهتري آندي ويندي. اجلاس پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارر??ائ?? شروع ڪرڻ جي هد??يت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم سمورو عمل شفافيت جي اعليٰ ترين معيارن ۽ ملڪي قانونن موجب يقيني بڻائڻ جي هد??يت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته 44 ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فارمولي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن. جتي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي ه??ائ?? اڏن جو انتظام هلايو ??يو ??ڃي.