اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف جي گادي واري شهر اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ تن??يمي دورن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب موجب مريم نواز پهرين فيبروري تي بهاولپور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جڏهن ته 2 فيبروري تي بهاولپور ۾ پارٽي جو تن??يمي اجلاس ٿيندو، 5 فيبروري تي ملتان ۾ پارٽي ڪنوينشن ۽ 6 فيبروري تي تن??يمي اجلاس منعقد ٿيندو، 9 فيبروري تي مريم نواز ايبٽ آباد ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ۽ 10 فيبروري ت?? ا??بٽ آباد ۾ پارٽي جو تن??يمي اجلاس ٿيندو، 15 فيبروري تي ڊيره غازي خان ۾ ڪنوينشن ۽ جلسي کي مريم نواز خطاب ڪندي ۽ 16 فيبروري تي ڊي جي خان ۾ پارٽي جي تن??يمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 19 فيبروري تي راولپنڊي ۾ ورڪرز ڪنوينشن ٿيندو، جڏهن ته 20 فيبروري تي تن??يمي اجلاس ٿيندو، 23 فيبروري تي مريم نواز شريف سرگوڌا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ۽ 24 فيبروري تي مريم نواز سرگوڌا ۾ پارٽي تن??يمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 27 فيبروري تي ساهيوال ۾ ورڪرز ڪنوينشن ٿيندو ۽ 28 فيبروري تي مريم نواز پارٽي جي تن??يمي اجلاس جي صدارت ڪندي، 3 مارچ تي گوجرانوالا ۾ ڪنوينشن ۽ 4 مارچ تي تن??يمي اجلاس ٿيندو، 7 مارچ تي شيخوپوره ۾ ڪنوينشن ۽ 8 مارچ تي پارٽي جو تن??يمي اجلاس ٿيندو، 11 مارچ تي فيصل آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪنوينشن ۽ 12 مارچ تي پارٽي جو تن??يمي اجلاس ٿيندو، مريم نواز پشاور ۾ 15 مارچ تي پارٽي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ۽ 16 مارچ تي تن??يمي اجلاس ٿيندو. پارٽي ترجمان موجب لاهور ڊو??زن ۾ 19 مارچ تي ڪنوينشن ۽ 20 مارچ تي تن??يمي اجلاس ٿيندو. مريم نواز شريف 23 مارچ تي ڪوئيٽا ويندي ۽ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي، 24 مارچ تي ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جو تن??يمي اجلاس ٿيندو، ڪراچي ۾ ورڪرز ڪنوينشن 27 مارچ تي ٿيندو، جڏهن ته 28 مارچ تي پارٽي جو تن??يمي اجلاس ٿيندو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري موجب مريم نواز 11 فيبروري تي اسلام آباد ۾ پارٽي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي جڏهن ته 12 فيبروري تي اسلام آباد جي تن??يمي اجلاس جي صدارت ڪندي.