اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان بابت صلاحڪار قمر ز??ان ڪائره چيو اهي ته 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪ??مي?? ملهائڻ جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪ??مي?? ۽ گلگت بلتستان وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ڪ??مي??ي ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندا. قمر ز??ان ڪائره چيو ته ڪ??مي??ي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 5 فيبروري تي سڄ?? ملڪ ۾ صبح ڏهين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهراه دستور اسلام آباد تي ڪ??مي??ي عوام سان ايڪي لاءِ ريلي پڻ ڪڍي ويندي. قمر ز??ان ڪائره چيو ته ان مقويع تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفر آباد ويندو ۽ آزاد ڪ??مي?? قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو، ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم طرفان يوم يڪجهتي ڪ??مي?? جي حوالي سان خاص پيغام پڻ نشر ڪيا ويندا. هن چيو ته 5 فيبروري جي مناسبت سان پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز خصوصي ريليون، سيمينار ۽ تصويري نمائشن جو اهتمام ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پي اين سي اي ۽ لوڪ ورثه ۾ ٽي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن جن ۾ ڪ??مي??ي ثقافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانعلاوه سوشل ميڊيا تي پڻ ڪ??مي??ين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. ان ڏينهن جي مناسبت سان دستاويزي فلمن ۽ تصويرن جي پڻ ڀرپور نموني تشهير ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري وزارت پي ٽي وي، اي جي ڪي ٽي وي ورلڊ ۽ ريڊيو ذريعي مختلف پروگرام نشر ڪيا ويندا. هن چيو ته نجي ميڊيا چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو تان پڻ ان ڏس ۾ ڀرپور ڪوريج ڪئي ويندي. قمر ز??ان ڪائره چيو ته سول ايوي ايشن، پاڪستان ريلوي، ميٽرو بس ۽ اين ايڇ اي هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز، ميٽرو بس اسٽيشنز ۽ ٽول پلازن تي پڻ بينر هنيا ويا آهن. سي ڊي اي پڻ اسلام آباد جي سمورين اهم شاهراهن تي يوم يڪجهتي ڪ??مي?? جي حوالي سان بينر لڳايا آهن. قمر ز??ان ڪائره چيو ته ان موقعي تي سيليولر موبائل ڪمپنيون خصوصي پيغام نشر ڪنديون.