اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) راولپنڊي جي مختلف ونگز جا تنظيمي اجلاس اڄ ٿيندا، سي??يئ?? نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اجلاسن جي صدارت ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته سومر ڏينهن راولپنڊي جي تنظيم، عورتن، سوشل م??ڊيا جا جدا جدا اجلاس ٿيندا، اجلاس ۾ پارٽي جي راولپنڊي جي تنظيمي ڍان??ي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، پارٽي جي عورتن ۽ سوشل م??ڊيا ونگز کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي مشاورت ٿيندي.