اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڏينهن جي دوري ??ي هنگري پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هنگري ۾ پاڪستان جي سفير آصف حسين ميمڻ ۽ هنگري ??ي اعليٰ عملدارن پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ??وري ??وران پنهنجي هم منصب سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ هنگري ??ي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويندو. ??ئي پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ هنگري ??ي وچ ۾ تعاون جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير هنگري ??ي سفيرن جي سالياني ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ هنگري ??ي ڪمپنين جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو. اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پاران هنگري ??و پهريون سرڪاري ??ورو آهي.